ڀينڊي مشڪي جو ٻوٽو

ڀينڊي مشڪي جو ٻوٽو

ڀينڊي مشڪي

ڀينڊي مشڪي (ٻوٽي ):هن کي انگريزيءَ ۾ Muskmallow، سنسڪرت ۾ لتا ڪستوري، هنديءَ ۾ مشڪ دانا، گجراتيءَ ۾ لتا ڪستري ۽ لاطينيءَ ۾ Abelmochus- Moschatus چيو ويندو آهي. هن جي آڪهه وونئڻائي Malvaceae آهي.
هن ٻوٽي جي ٻجن جو مشڪدانه جي نالن سان اڪثر ڪتابن ۾ ذڪر آهي ۽ ٻوٽيءَ جي ماهيت بابت اڪثر مصنفن کي ڪابه خبر نه هئي. ايستائين جو حڪيم نجم الغني لکي ٿو ته حڪيم شريف خان دهلوي تاليف شريفيءَ ۾ مشڪ جو قسم قرار ڏئي غلط ماهيت لکي. جڏهن ته انگريزي سائنسي ڪتابن جي مطالعي مان معلوم ٿيو ته هي ڀينڊيءَ جو هڪ قسم آهي ۽ ساڳي شڪل ۽ خاندان جو ٻوٽو آهي، اڪثر فائدا به ڀينڊيءَ جي ٻن ٻين قسمن سان ملندڙ جلندڙ آهن. خوشبو هئڻ ڪري اضافي فائدا اٿس. صرف خزائن الادويه ئي اهڙو ڪتاب آهي، جنهن ۾ مشڪداڻيءَ جو تعلق ڀينڊيءَ سان ڏيکاريل آهي. حڪيم نجم الغنيءَ جا لفظ هيٺ لکجن ٿا:
”هڪ ماڻهو اُڌيپور جي اسٽيشن تي هن جا ٻوٽا لڳايا هئا. ميٽر کن ڊگھا ٿين ٿا. ٻجن مان خوشبو ايندي هئي. پن ڀينڊيءَ جي پنن وانگر اٿس ۽ ڦل جنهن ۾ ٻج ٿيندا آهن. اهي به ڀينڊيءَ وانگر آهن.ٻن سالن کان پوءِ ٻوٽو ول ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. گل گيڊا ڀينڊي وانگر هوندا اٿس.“ انهيءَ بيان کان پوءِ مشڪداڻي جو ڀينڊيءَ جو قسم ثابت ڪرڻ ڪو مسئلو نه رهيو. تڏهن به هن جا پن ڀينڊيءَ جي ٻين قسمن کان ٿورا وڏا هوندا آهن. ٻوٽو ڏيڍ ميٽر تائين ڊگھو ٿئي ٿو. جيڪي لڙڪي وڻ جو اهڃاڻ ڏئي ٿو. تعجب آهي ته اها ڄاڻ به حڪيم نجم الغني کي هڪ عام ماڻهوءَ ڏني جيڪا سو سيڪڙو درست هئي. امريڪا مان شايع ٿيل جڙين ٻوٽين Herbs واري ڪتاب ۾ هن جي رنگين تصوير به ڀينڊي جي قسم جي نشاندهي ڪري ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو